جلال الدين رومي

جلال الدين رومي

جلال الدين رومي جي مقبري جو ڏيک

جلال الدين رومي جي مقبري جو ڏيک

جلال الدين رومي

جلال الدين ’رومي‘:عظيم صوفي، جلال الدين رومي، اسلامي دنيا جو وڏو مفڪر ۽ فارسي زبان جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس نالو محمد ولد بهاءُ الدين شيخ ۽ لقب جلال الدين عرف مولانا ’رومي‘ هو. سـندس نسـب جـو سلسلو هن طرح هو: شيخ بهاؤ الدين بن محمد بـن حسين بن احمد البلخـي بـن قاسـم بن مـسيـب بــن عـبـدالله بـن عبدالرحمان بن ابوبڪر صديق.
مولانا روميءَ جو ڏاڏو حسين بلخي، وڏو الله وارو شخص ۽ درويش هو. وقت جا سلطان ۽ بادشاهه سندس ايتري عزت ڪندا هئا، جو محمد خوارزم شاهه پنهنجي ڌيءَ جي شادي ساڻس ڪرائي هئي، جنهن مان مولانا بهاؤ الدين، مولانا روميءَ جو والد پيدا ٿيو هو، جيڪو علم ۽ عمل جي دنيا ۾ پنهنجي دور جو نهايت قابل شخص هو. خراسان جي ڏورانهن هنڌن تان شرعي سوال ۽ فتوائون وٽس اينديون هيون. مولانا بهاءُ الدين، نامـور صـوفـي ۽ مـصـنـف هـو. هـن خـانـدانَ مـنـگـولـن جـي آمـد جـي خـوف کان پـنهـنـجـو اباڻـو ڳوٺ ڇڏي، روم وڃـي وسـايـو هـو، جتي سلجوقين جي حڪومت هئي.
مولانا محمد جلال الدين رومي، 6 ربيع الاول 602 هه/ 30 سيپٽمبر 1207ع تي بلخ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين، پوءِ شيخ برهان الدين محقق کان علم پرايائين. 18-19 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي والد سان گڏ قونيه آيو، جتي سندس والد کي گهرائي، هڪ مدرسي جو مهتمم بنايو ويو، جتي هو تعليم ڏيڻ لڳو. جڏهن مولانا روميءَ جي والد، 18 ربيع الثاني 628 هه/ 1228ع ۾ وفات ڪئي ته مولانا روميءَ کي پيءُ جي جاءِ تي مدرس مقرر ڪيو ويو. سال کان پوءِ مولانا رومي 25 سالن جي عمر ۾ فن جي تڪميل لاءِ شام روانو ٿيو، جتي سندس ملاقات مشهور فلسفي ۽ مفڪر ابن العربيءَ سان ٿي، جنهن جو ماٽيلو ڀاءُ صدرالدين القونوي، مولانا روميءَ جو هم مڪتب ۽ دوست هو. ان وقت دمشق ۽ حلب، علمن ۽ فنن جا مرڪز هئا. مولانا رومي پهرين حلب ويو ۽ اتي مدرسه حلاويه جي بورڊنگ هائوس ۾ رهيو ۽ اتان جي مدرس ڪمال الدين ابن عديم حلبيءَ کان علم حاصل ڪيائين، جيڪو وقت جو وڏو محدث، مؤرخ، فقھ ۽ مفتي هو. مولانا روميءَ، حلب جي ٻين مدرسن ۾ به تعليم ورتي ۽ طالب علميءَ جي زماني ۾ ئي عربي زبان، حديث، تفسير، فقھ ۽ معقول ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. ان وقت سندس عمر 40 سال ٿي وئي ۽ سمورن نصابي ۽ درسي علمن ۾ ڪمال ۽ مهارت حاصل ڪري ورتائين. هن سيد برهان الدين کان به طريقت ۽ سلوڪ جي تعليم ورتي هئي، جنهن جو ذڪر ’مناقب العارفين‘ ۾ آهي. پر روميءَ تي اڃا ظاهري علمن جو رنگ غالب هو. هو ديني علمن جو درس ڏيندو، وعظ ڪندو، فتوائون لکندو هو ۽ ساز، سماع ۽ موسيقيءَ کان پاسو ڪندو هو.
مولانا روميءَ جي زندگيءَ ۾ تبديلي، 30 نومبر 1244ع تي آئي، جڏهن قونيه جي گهٽين ۾ هن جي ملاقات وقت جي وڏي ولي ۽ بزرگ شمس تبريز سان ٿي. شمس تبريز جو والد ڪَيَا بزرگ جي خاندان مان هو، جيڪو اسماعيلي فرقي جو امام هو، پر هن پنهنجو اباڻو مسلڪ ترڪ ڪري ڇڏيو هو. شمس تبريز ظاهري علمن جي تحصيل ڪرڻ بعد بابا ڪمال الدين جنديءَ جي مريدي اختيار ڪئي، پر عام صوفين وانگر پيري مريدي، بيعت ۽ ارادت جو اختيار نه ڪيائين. سوداگرن ۽ مسافرن جي مهمان خانن ۾ ترسندو هو ۽ ڪمرو بند ڪري مراقبي ۾ رهندو هو. اڳٺ ٺاهي ۽ وڪڻي گذران ڪندو هو. جڏهن شمس تبريز قونيه جي هڪ سراءِ ۾ اچي رهيو ته مولانا روميءَ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي بزرگن پاڻ ۾ ڪافي وقت زبان حال ۾ گفتگو ڪئي. مولانا روميءَ کانئس متاثر سندس هٿ تي بيعت ڪئي. تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ان بعد ٻئي بزرگ، صلاح الدين زرڪوب جي حجري ۾ چلي دوران ڪيترو ئي وقت ذڪر الاهيءَ ۾ محو ۽ مصروف رهيو. ان وقت کان مولانا روميءَ ۾ هڪ نمايان تبديلي آئي. اڳ هو سماع کان پاسو ڪندو هو ۽ هاڻي کيس سماع کان سواءِ سڪون نه ايندو هو. مولانا درس تدريس ۽ نصيحت جو ڪم صفا ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي مرشد شمس جي خدمت مان هڪ گهڙيءَ لاءِ به پري نه ٿيندو هو. هن وٽس فنا في الله ۽ بقا باالله جون منزلون طئه ڪري ورتيون. سڄي شهر ۾ چميگويون پکڙي ويون ته مولانا رومي هڪ چرئي شخص جي صحبت ۾ ڦاسي پيو آهي. ان حد تائين جو مولانا جي پٽن کي به والد جي اها حالت ناگوار گذري. ماڻهن جي ڪاوڙ ان حد تائين وڌي وئي، جو شمس تبريز محسوس ڪيو ته اها شورش، ڪٿي فتني انگيزيءَ جي حد تي نه پهچي وڃي، سو چپ چاپ دمشق هليو ويو. مولانا روميءَ کي سندس جدائيءَ جو سخت صدمو رسيو ۽ ماڻهن سان تعلقات ختم ڪري ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو. مدت کان پوءِ شمس تبريز، مولانا روميءَ کي دمشق مان هڪ خط لکيو، جنهن منجهس شوق جي آڳ ڀڙڪائي وڌي ۽ ان زماني ۾ نهايت رقت آميز ۽ پر اثر شعر چوڻ شروع ڪيائين. جن ماڻهن شمس تبريز کي ڏکويو هو، تن کي سخت پڇتاءُ ٿيو. سڀني مولانا روميءَ کان اچي معافي ورتي. ان بعد گڏيل راءِ بيٺي ته سڀ شهري گڏجي دمشق وڃن ۽ شمس تبريز کي منٿ ميڙ ڪري واپس وٺي اچن. مولانا روميءَ جو پٽ ’سلطان ولد‘ قافلي جو سردار بڻيو، جنهن کي مولانا روميءَ هڪ منظوم خط لکي ڏنو ته شمس تبريز کي خود وڃي پهچائي. ’سلطان ولد‘ دمشق پهتو، وڏيءَ مشڪل سان شمس تبريز کي ڳولي لڌائون. سڀني سندس آڏو آداب بجا آندا ۽ تحفا پيش ڪيا، کيس مولانا جو خط پهچايو ويو. شمس مشڪيو ۽ فارسيءَ جي هڪ مصرع پڙهيائين:
به دام دا نه نگيرند مرغ دانارا
’سرڪڻ (ڦاهي) ۽ داڻي سان سڃاڻي، ڪڪڙ کي ڦاسائين ٿا!‘
ماڻهن کي چيائين ته: انهن ٺڪرين (تحفن) جي ضرورت نه آهي، مولانا جو پيغام ئي ڪافي آهي. ڪجهه ڏينهن تائين سندن مهماني ڪرڻ بعد سڀني سان گڏ دمشق روانو ٿيو. جڏهن مولانا روم کي خبر پئي ته مريدن خادمن سميت سندس وڏي آجيان ڪيائين ۽ وڏي مان شانَ سان کيس وٺي آيو. ڪجهه ڏينهن بعد مولانا روميءَ، پنهنجي پاليل ڪيميا نالي ڇوڪريءَ سان شمس جي شادي ڪرائي پنهنجي جاءِ جي سامهون تنبو لڳائي. ان ۾ شمس تبريز کي رهايو. مولانا جو فرزند علاؤ الدين، شمس جي تنبوءَ وٽان اڪثر گذرندو رهندو هو، جنهن تان شمس کيس منع ڪئي. اِن ننڍڙيءَ ڳالهه کي حاسدن ڳالهوڙو بنائي ورتو ته شمس ڌاريو ٿي مالڪن کي گهر ۾ اچڻ نه ٿو ڏئي، جنهن ڳالهه کان تنگ ٿي شمس تبريز شهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اوچتو غائب ٿي ويو. مولانا روميءَ کيس خوب تلاش ڪرايو، پر هٿ نه آيو. بعد ۾ خبر پئي ته شمس تبريز کي چالبازيءَ سان اغوا ڪري، بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو هو. سندس شهادت جو واقعو، 645هه/ 1247ع ڌاري رونما ٿيو ۽ ظالمن سندس لاش هڪ کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. اهو کوهه اڄ به قونيه ۾ موجود آهي. شمس تبريز جي شهادت تي روميءَ جي حالت خراب ٿي وئي، مٿس وجد طاري ٿي ويو ۽ پنهنجي روحاني استاد ۽ محسن جي وڇوڙي تي طويل درد ڀريا مرثيا پڙهائين، جن ۾ شمس تبريز جي مقام ۽ منزلت جو پتو پوي ٿو.
مولانا روميءَ جي تصنيفن کي تصوف جي حوالي سان وڏي اهميت آهي. سندس شاعري ’مثنوي مولانا روم‘ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ قصا، تمثيلون، نصيحت آميز شعر ۽ ضرب الامثال موجود آهن. مثنويءَ کي پهلوي زبان ۾ هَفت قرآن، سان ڀيٽيو ويو آهي:
مـثـنــوي و مـعـنـوي و مـولـوي،
هــسـت قـرآن در زبـان پهـلـوي.
مولانا جلال الدين روميءَ جي 672هه/1273ع ۾ طبيعت خراب ٿي پئي. وقت جا وڏا طبيب، اڪمل الدين ۽ غضنفر به سندس علاج نه ڪري سگهيا. 5 جمادي الثاني، آچر جي ڏينهن، 672 هه/ 17 ڊسمبر 1273ع ۾ مولانا رومي، الف خان بن هلاڪوءَ جي دور ۾ قونيه (روم) ۾ رحلت ڪئي. سندس جنازي سان هزارين مرد، عورتون، ٻار، جوان، پيرسن، امير، غريب، عالم، اڻپڙهيل، هر طبقي ۽ فرقي جا ماڻهو گڏ هئا ۽ زار و قطار روئي رهيا هئا. عيسائي ۽ يهودي به جنازي جي اڳيان انجيل ۽ توريت پڙهندا، ماتم ڪندا هليا. وقت جو بادشاهه به جنازي سان گڏ هو. جنازو شام جو قبرستان پهتو، شيخ صدر الدين جنازي نما پڙهائڻ لاءِ کڙو ٿيو، پر اوڇنگارون ڏئي بيهوش ٿي ويو، نيٺ قاضي سراج الدين جنازي نماز پڙهائي. چاليهن ڏينهن تائين ماڻهو مولانا روميءَ جي مرقد تي زيارت لاءِ ايندا رهيا.

مولانا روميءَ جي تصوف جو طريقو باطني هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. ابن بطوطه لکيو آهي ته اُن فرقي جا پوئلڳ ’جلاليه‘ چوائيندا آهن. مولانا جي لقب ’جلال الدين‘ جي ڪري سندس طريقي کي ’جلاليه‘ سان منسوب ڪيو ويو. اڄڪلهه ايشيا ڪُوچڪ، شام، مصر ۽ قسطنطيه ۾ اِن فرقي کي ’مولويه‘ چون ٿا. مولانا روميءَ جي تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن. (1) فيھِ مافيھِ (معين الدين پرواني کي لکيل خط)، (2) ديوان رومي (شمس تبريزيءَ جي عقيدت ۾ لکيل غزل)، ۽ (3) مثنوي (مثنوي مولانا روم، ست دفتر).


لفظ جلال الدين روميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو